SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


طبي قيد


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


طبي قيد

Quarantine

قئارنٽين

پرڏيهه مان پهتل اهڙن ماڻهن، جانورن، ٻوٽن ۽ وکرن کي هوائي اڏن يا بندرگاهن تي مخصوص وقت تائين روڪي رکڻ، جن جي آباديءَ سان لهه وچڙ جي نتيجي ۾ ڦهلجندڙ بيماري پيدا ٿيڻ جو ڀئه هُجي. پهرين مهاڀاري لڙائيءَ تائين اها ”روڪ“ فقط 40 ڏينهن تائين محدود هُئي، پر مُختلف معاهدن ۽ عهدنامن کان پوءِ، هاڻي ان سلسلي ۾ ڪو به خاص مدو مقرر نه ڪيو ويو آهي. جنهنڪري جُدا اسپتالن يا عارضي نظربنديءَ جي مرڪزن ۾ به مٿي بيان ڪيل مڙني ساهدارن کي روڪي سگهجي ٿو. عالمي لاڳاپن ۾ 1937ع ۾ آمريڪي صدر ’روز ويلٽ‘ طرفان متعارف ڪرايل Quarantine Doctrine وڏي اهميت رکي ٿي. صدر روز ويلٽ جو خيال هو ته جنگ به وچڙندڙ بيماري آهي، تنهنڪري يورپ جون فاشي جنگجو حُڪومتون ۽ جاپاني رياست دُنيا ۾ جنگ ڦهلائي، عالمي امن جو خاتمو ڪري رهيون آهن. سندس چوڻ هو ته اهڙين رياستن کي عالمي برادريءَ مان ٻاهر رکڻ ضروري آهي. دراصل اهو رويو ڪنهن به اڳرائي پسند رياست کي سزا ڏيڻ جي برابر آهي. هن تصور آڪٽوبر 1962ع ۾”ڪيوبائي ميزائل“ مامري دوران آمريڪا جي صدر ’جان – ايف ڪينيڊيءَ‘ طرفان، ڪيوبا جي ڪيل ناڪه بنديءَ وقت شهرت ماڻي


.


طبي قيد لفظ جو عام استعمال


Remember Me Also:

رتام

ذ. انبن جو هڪ قسم ، ڳاڙهي رنگ وارو انب.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal